سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد پنجون) ڪتاب: هي ڪتاب سنڌي ٻولي متعلق مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي، جيڪو مختيار احمد ملاح ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب سنڌي ٻولي متعلق مقالن ۽ مضمونن تي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو پنجون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد، واڌ ويجهه، مختلف دورن ۾ ٻوليءَ جي حالت، ٻين ٻولين جي اثر، ٻوليءَ جي خوبين، ٻوليءَ جي ترقي ۽ ان آڏو پيش ايندڙ رڪاوٽن ۽ جديد ميڊيا ۾ ان جي استعمال بابت، سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ايم.ايڇ. پنهور، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، لعل سنگهه اجواڻي، هيري ٺڪر، ڊاڪٽر اياز قادري، اڪٽر تنوير عباسي، مظهر يوسف، ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر الياس عشقي، پروفيسر عبدالرحمان جسڪاڻي، ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي، ڪريم بخش خالد، شمس سومري، آفتاب ابڙي، انجينئر احسان احمد عرساڻي ۽ ڪتاب جي مرتب مختيار احمد ملاح جا مقالا ۽ مضمون شامل آهن. ڪتاب جي شروع ۾ ’ناشر نوٽ‘ ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي. ڪتاب ۾ ’مقدمو‘ مرتب مختيار احمد ملاح جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان 398 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي. هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو